Maktaba Wahhabi

670 - 924
(4۔ سندھی) مورخ اہلِ حدیث مولانا محمد اسحاق بھٹی رحمہ اللہ حــالات ۽ واقــعات ۽ عـلـمي خـدمـتون تحریر: جناب مولانا ابو سفیان محمد خان محمدی(ملکانی شریف، ضلع بدین سندھ) جو بادہ کش تھے پرانے وہ اٹھتے جاتے ہیں کہیں سے آبِ بقا دوام لے ساقی 22 ڊسمبر 2015ع اڱاري جي سرد صبح جو فجر نماز کان پوءِ محترم جناب محمد رمضان يوسف سلفي صاحب فيصل آباد جن فون تي اها ڏک ڀري خبر ڏني ته مولانا محمد اسحاق ڀٽي صاحب جن هن فاني دنيا مان وفات ڪري ويو آهي.دل و دماغ تي ان عظيم حادثي ۽ صدمي وڏو اثر ڪيو.باساخته زبان تي اناللّٰه وانا اليه راجعون ،اللهم اجرني في مصيبتي واخلف لي خيرًا منہ. جا الفاظ زبان تي تري آيا. مولانا محمد اسحاق ڀٽي صاحب رحمہ الله جي وفات جي خبر نه صرف اندرون ملڪ ۾ بلڪه بيرون ملڪ به نهايت حزن و ملال سان ٻڌي وئي جنهن سان علمي ۽ جماعتي حلقن جي فضا سوڳوار ٿي وئي. مولانا ڀٽي صاحب رحمہ الله جن پنهنجي ذات ۾ هڪ ادارو ، جماعت ۽ هڪ انجمن هئا. موصوف جن اڪيلي سر جيڪو علمي و تضيفي ڪم ڪيو هو. اهو جماعتون ، انجمنون ۽ ادارا به شايد نه ڪري سگهن.پاڻ هڪ خاموش طبع، مخلصانه،منظم ۽ سچي حياتي گهاريندڙ نيڪ دل، بلند ڪردار ۽ مخلص شخص هئا. سندس علمي ڪم کي ڏسي سندس حياتيءَ مان همٿ ۽ حوصلو، جوانمردگي ئي نظر ايندي هئي . نوڙت ، نهٺائي ۽ خلوص زندگيءَ جو حصو ۽ سندس سڃاڻپ هئا.
Flag Counter