Maktaba Wahhabi

673 - 924
عملي زندگي : مولانا محمد اسحاق ڀٽي صاحب جن پنهنجي تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي عملي زندگيءَ جو آغاز محڪمه آب پاشي ۾ ڪيائون. سڀ کان پهريان پاڻ درياء ستلج هيڊ سليمانڪي واري هنڌ تي ڪلارڪ طورڀرتي ٿيا. جتي پاڻ صرف ٻه سال 1941,42ع تائين رهيا تنهن کان پوءِ پاڻ اها سرڪاري نوڪري ڇڏي ڏنائون. ان کان پوءِ پاڻ پنهنجي مهربان ۽ شفيق استاد مولانا عطاء لله حنيف جن جي مشوره سان 1943ع کان 1947ع تائين مدرسه مرڪز الاسلام لکوڪي ۾ درس و تدريس سان وابسته ٿي ويا. اهو سندس تدريس جو آغاز هو. قيام پاڪستان ۽ هجرت : 1947ع ۾ پاڪستان ملڪ وجود ۾ آيو ته ٻنهي ملڪن طرفان هجرت جو سلسلو شروع ٿيو ته مولانا محمد اسحاق ڀٽي صاحب جن پنهنجي خاندان سان هجرت ڪري پاڪستان اچي ويا. مولانا محمد اسحاق ڀٽي صاحب جن پنهنجي انهيءَ هجرت واري واقعي متعلق لکن ٿا ته “ جڏهن اسان گهر کان نڪتاسون ته اسان وٽ ڪابه شيءَ نه هئي، نه ڪپڙا، نه برتن وغيره.منهنجا پنهنجا ذاتي مطالعي وارا ڪتاب جيڪي 300 کان به زياده هئا. اهي به اتي رهجي ويا. ۽ ٻه سنَدون جيڪي منهنجن مهربانن استادن مون جهڙي گهٽ علم ۽ بي عمل کي ڏنو هنيون اهي به انهن ڪتابن ۾ رهجي ويون 12 آگسٽ 1947ع تي اسان سڀ ئي هڪ ئي خاندان جا ماڻهو ننڍا توڙي وڏا تقريباً 300 افراد گڏجي پنهنجي آبائي ڳوٺ مان صبح جو فجر نماز کان اڳ ۾ تقريبا 5 بجه ڌاري هڪ ٽرڪ ذريعي روانا ٿياسون. ۽ رات جي وقت تقريبا 8 بجه ڌاري اسان پاڪستان جي شهر قصور پهتاسون . اهو45 ميل جو سفر اسان هڪ ٽرڪ ۾ پندرهن ڪلاڪن ۾ طئي ڪيوسين. جڏهن ته منهنجو والد ماجد ۽ ٻيا به گهڻا ماڻهون جيڪي اسان جارشتيدار هئا اهي اتي رهجي ويا هئا. اهي سڀئي افراد پوءِ هڪ وڏي ڪافلي سان گڏجي هڪ مهيني کان پوءِ ڪوٽ ڪپوره مان روانا ٿيا ۽ وڏيون تڪليفون ۽ سختيون جهيلي ڪري وڏي مصيبت کان پوءِ 30 ستمبر 1947ع تي گنڊا سنگهه قصور پهتا (نقوش عظمت رفته صه 581). پاڪستان ۾ رهائش. مولانا محمد اسحاق ڀٽي صاحب جن هندوستان جي رياست فريد ڪوٽ جي هڪ ڳوٺ
Flag Counter