Maktaba Wahhabi

678 - 924
صاحب جن مولانا دا‍‌ؤد غزنوي رحه جي فرزند ارجمند مولانا ابوبڪر غزنوي رحمه الله (متوفي 1976ع) جن گڏجي هفت روزه “توحيد” کي دوباره جاري ڪيائون .اهو رسالو دراصل 1927ع ۾ مولانا دا‌ؤد غزنوري رحمه الله جن جاري ڪيو هو جنهن جو پهريون شمارو يڪم اپريل 1927ع ۾ شايع ٿيو ۽ ان جو آخري پرچو يڪم مئي 1929ع تي شايع ٿيوهو . ان طرح اهو هفت روزه اخبار صرف ٻه سال ۽ هڪ مهينو جاري رهي سگهيو. ان رسالي کي دوباره شايع ڪرڻ لاءِ ٻنهي بزرگن عزم ڪيائون . جولاءِ 1965ع ۾ توحيد جي دوباره اشاعت ٿي ۽ اهو ميدان صحافت ۾وارد ٿيو . ان رسالي جي صحافت جي ميدان ۾ اٿڪ تمام ڀلي ۽ عمده هئي . پر ڪجهه عرصه کان پوءِ ڀٽي صاحب به ان رسالي کان عليحده ٿي ويو. سندس عليحده ٿيڻ جي ٿوري عرصي بعد اهو رسالو به بند ٿي ويو. توحيد رسالو پنهنجي اشاعت کان پوءِ صرف چار مهينا زنده رهيو. ان طرح مولانا محمد اسحاق ڀٽي صاحب مرحوم جن سندس استاد ۽ محسن مولانا محمد حنيف ندوي جي مشوري ۽ چوڻ تي پاڻ 21 اڪٽوبر 1965ع تي اداره ثقافت اسلاميه لاهور (قيام 1950) سان منسلڪ ٿي ويا ۽ پاڻ ان ادري ۾ مارچ 1996ع تائين پورا ٽيهه سال خدمتون سرانجام ڏنائون. ۽ پاڻ ان اداري جي ماهنامه ميگزين “المعارف ” جا پڻ ايڊيٽر ٿي رهيا . اهو رسالو به اهل علم وٽ انتهائي مقبول ۽ قدر جي نگاهه سان پڙهيو ويندو هو. جنهن ۾ انتهائي علمي، تحقيقي مضامين ۽ مقالا وغيره شايع ٿيندا رهندا هئا. پاڻ انهي علمي ۽ تحقيقي مجله جا ٻاويهه سال ايڊيٽر ٿي رهيا. مولانا محمد اسحاق ڀٽي صاحب ملڪي و جماعتي حالات ۽ واقعات کان باخبر هئا ۽ انهن جا عيني شاهد به هئا. سندس قلم مان هزارن جي تعداد ۾ صحفات تي جماعتي ۽ غير جماعتي اصحاب و احباب جا شاندار تذڪرا شايع ٿيا آهن. سندس قلمي پورهيو هميشه يادگار رهندو. اداره ثقافت اسلاميه لاهور ۾ ملازمت . هي ادارو دراصل ڊاڪٽر خليفه عبدالحڪيم مرحوم(متوفي 1959ع ) جن 1950ع ۾ قائم ڪيو هو. اهو ايوب خان جو دور حڪومت هو. ان جو وزير قانون جناب ايس ايم ظفر جن هئا. جنهن هن اداري جي ماتحت هڪ ليگل ڪميٽي ٺاهي هئي، جنهن ڪميٽي جو مقصد قانوني نسبت جي بعض اسلامي مسائل تي غور حُوض ڪرڻ هوندو هو. مثلاٰ نڪاح، طلاق، خلع،
Flag Counter