Maktaba Wahhabi

679 - 924
وراثت ،حَضانت وغيره جهڙا اهم مسائل هئا. اها ڪيمٽي 1965ع ۾ وجود ۾ آئي ۽ انهيءَ سال ئي مولانا محمد اسحاق ڀٽي صاحب جن کي اداره ثقافت اسلاميه جي انهيءَ ليگل ڪميٽي ۾ ريسرچ اسڪالر جي حيثيت ۾ رکيو ويو. ۽ ان جون خدمتون حاصل ڪيون ويون . اهو ادارو برصغير ۾ معروف محققين ۽ مذهبي اسڪالرن جو مرڪز هو. جنهن ۾ ڀٽي صاحب کي خالص علمي ۽ تحقيقي ميدان سان واسطو پيو.سندن لاءِ اها علم جي نئي وادي هئي. جنهن ۾ پاڻ پنهنجا قدم رکيا هئا. هن اداري ۾ اچڻ سان مولانا اسحاق ڀٽي رحمه الله جي تحرير ۽ قلم ۾ پختگي ۽ روانگي آئي ،۽ سندس علمي جواهر پارن ۾ نکار آيو مولانا محمد اسحاق ڀٽي صاحب جن هن اداري سان 32 سال وابسطا رهيا. ۽ مارچ 1996ع ۾ هن اداري مان ريٽائر ٿيا. (گذري گئي گذارن ص 35-233 ) راقم جي ملاقات ۽ تعلق: مولانا محمد اسحاق ڀٽي صاحب مرحوم سان راقم جي دلي محبت ۽ عقيدت هونءَ ته دور طالب علمي کان ئي هئي. سندن مضامين ۽ تحريرون جماعت جي رسالن خصوصًا الاعتصام ۾ اڪثر شايع ٿينديون رهنديون هنيون. جيڪي شوق سان پڙهندوهئس. آڪٽوبر 1991ع جي قومي ڊائجسٽ ۾ مولانا مودودي مرحوم متعلق سندس لکيل سوانح خاڪو (مضمون ) پڙهيم ته ان کان پوءِ آئون ان جي هر تحرير ۽ مضمون پڙهڻ جو گرويده ٿي ويس . ان کان پوءِ جڏهن موصوف جو خاڪن تي لکيل پهريون ڪتاب “ نقوش عظمنت رفته” آڪٽوبر 1996ع ۾ شايع ٿيو .ته شوق مان وٺي مطالعو ڪيم ۽ ٻين دوستن کي ان ڪتاب پڙهڻ لاءِ اڪسايم. 92-1993ع جڏهن راقم الحروف جامعه سلفيه فيصل آباد ۾ زير تعليم هو ته هڪ ٻه دفعو خصوصي طور ملڻ لاءِ مڪتبه سلفيه شيش محل روڊ لاهور ۽ اداره ثقافت اسلاميه لاهور ۾ ملڻ لاءِ ويو هئس . پر ملاقات نه ٿي سگهي . ۽ اها آس هميشه دلي ۾ رهندي آئي. تان جو5-2006ع ۾ مولانا محمد اسحاق ڀٽي صاحب جن برصغير جي جن اهل حديث عالمن ۽ مشائخن عظام رحمهم الله جن قرآن مجيد جي ڪنهن به حوالي سان خدمت ڪئي آهي ته انهن جو تذڪرو ۽ سوانح لکڻ لاءِ پاڻ الاعتصلام رسالي ۾ 26جولائي 2002ع جي شماري ۾ ان حوالي سان اشتهار شايع ڪرايائون جنهن کان پوءِ ڀٽي صاحب سان راقم جي خط و ڪتابت جاري رهي. سندس راقم ڏ
Flag Counter