Maktaba Wahhabi

684 - 924
(1) لشڪر اسام کي روانگي: ڊاڪٽر فضل الهي : ترجمو، صفحات :126 سال 2000ع (2) سيرت سيدنا ابوبڪر صديق، محمد حسين هيڪل مصري . ترجمو . صفحات: 620 سال 1998ع (3) رياض الصالحين: امام شرف الدين نووي (متوفي:676هه) ترجمہو، طبع مشتاق بڪ ڪاربر لاهور. وغيره انهن ڪتابن کان علاوه مولانا محمد اسحاق ڀٽي صاحب جي بيشمار مقالات ۽ مضامين به لکيا اٿن جيڪي مختلف رسائل، اخبارات ۽ ميگزينن ۾ شايع ٿيا آهن جيڪي شمار ڪرڻ کان ٻاهر آهين ، جڏهن ته پنجاب يوينورسٽي جي طرفان شايع ٿيل دائره معارف اسلاميه پنجاب يونيورسٽي لاهور ۾ تقريباً 30 کان زائد مضامين ۽ مقالات لکيا اٿن جيڪي ان ۾ شايع ٿيا آهن . ان کان علاوه ڀٽي صاحب مرحوم جن ريڊيو پاڪستان لاهور تان نشري تقريرن جو سلسلو ڪندا رهيا آهن . جيڪو 1965ع کان 1997ع تائين تقريباً 30 سال تائين جاري رهيو. جنهن ۾ پاڻ مختلف پروگرام ڪيا اٿن. جڏهن ته ٽيلي ويزن تي به پروگرام ڪيا اٿن ڀٽي صاحب جو پهريون پروگرام 1972ع جي 27 جولاءِ تي نشر ٿيو. ٽيلويزن تي به سندس بيشمار پروگرام ريڪارڊ ۽ نشر ٿيا آهن. وفات : بلاشبه مولانا محمد اسحاق ڀٽي مرحوم جن ڀرپور طريقي سان زندگي گذاري اٿن. سندن ڄمار جون 91 بهارون گذاري چڪيون هنيون ان جي باوجود پاڻ هميشه صحت مند ۽ چاڪ هوندا هئا. ۽ پنهنجي ڪم ۾ سدائين مصروف نظر آيا ۽ سندس قلم جو گهوڙو ميدان تحرير ۾ اڳي کان اڳرو رهيو . گذريل سال جي سردي جي موسم کيس تمام گهڻو متاثر ڪيو. کيس اسپتال به داخل ڪرايو ويو، جتي پاڻ ٻه ڏينهن ۽ ٻه راتيون اسپتال ۾ زير علاج هئا. بلاآخر اهو عظيم شخص مختصر علالت کان پوءِ 22 ڊسمبر 2015ع اڱاري ڏينهن صبح جو فجر نماز وقت داعي اجل کي ليبڪ چيائون . فانا لله وانا اليه راجعون. سندس حيات مستعار 91 سال 9 مهينا اضافي 7 ڏينهن سندس حياتي جي مڪمل ڄمار هئي. . سندس ان اوڇتي وڇوڙي سان جماعت اهل حديث جي لاءِ وڏو سانحو ۽ صدمو آهي. انهيءَ ڏينهن پهريان ناصر باغ لاهور ۾ هڪ وڏي
Flag Counter