Maktaba Wahhabi

672 - 924
حديث تفسير ۽ درس نظامي جي مڪمل تعليم مولانا عطاء الله حنيف وٽ حاصل ڪئي. ان دوران مولانا عطاء الله حنيف جتي به رهيو مثلاً مرڪز الاسلام لکوڪي(قيام:27-1926ع)، جامع مسجد فيروز پور وغيره ته پاڻ گڏ ئي هوندا هئا. استاد ۽ شاگرد جي قرب ۽ تعلق جي آڌار تي مولانا عطاء الله حنيف جي حڪم ۽ مشوري تي پاڻ گوجرانواله شهر ۾ پڙهڻ لاءِ ويا جتي ٻه سال پاڻ ان وقت جي چوٽي جي عالمن مولانا حافظ محمد گوندلوي رحمه الله (متوفي 1985ع) ۽ مولانا محمد اسماعيل سلفي رحمه الله (متوفي1968ع) جي سامهون شاگرد ٿي ويهي صحيح بخاري ، صحيح مسلم ۽ ٻيا امهات الڪتب پڙهي ڪري سند فراغت حاصل ڪئي. ان کان علاوه پاڻ ان وقت جي تحريڪ آزادي جي مشهور مجاهد، ديني ۽ سياسي ليڊر ۽ اڳواڻ حضرت مولانا محمد دائود غزنوي رحه (متوفي 1963) ۽ متڪلم زمان مولانا محمد حنيف ندوي رحه(متوفي1987ع) جن جي صحبت ۽ تربيت ۾ رهي ڪري سندس علمي ،فڪري زندگي ۽ سوچ ۾ وڏي تبديلي پيدا ٿيس. مولانا محمد اسحاق ڀٽي صاحب جن پنهنجي ان عالي قدر، مشفق ۽ مهربان استادن متعلق هڪ جڳهه لکن ٿا ته “ منهنجي تعليم و تربيت ۾ جن به علماء ڪرام ۽ استاتذه ڪرام جي زير سايه ٿي آهي.اهي پنهنجي دور جون تمام وڏيون شخصيتون هيون.اهي بيحد معتدل مزاج هئا. ۽ پنهنجي ڳالهه کي هميشه مثبت انداز ۾ بيان ڪندا هئا. اهي منفي نقطئه نظر ۽ سوچ کان هو تمام پري هوندا هئا.انهن مان ڪنهن به ڪفر و شرڪ ، بي ديني ۽ الحاد جا فتويٰ نه ڏنائون بلڪ اهي ماڻهن کي صحيح ۽ سڌو رستو ڏيکارڻ ۽ انهن کي صحيح مسلمان بنائڻ جي فڪر ۾ هوندا هئا ۽ انهيءَ جي لاءِ ڪوشش ڪندا رهندا هئا. نه اهي ڪفر جي تقسيم جي لاءِ ڪوشان رهيا نه ماڻهن کي مشرڪ ٺاهڻ جي پويان هوندا هئا، نه ڪنهن کي جنت مان ڪڍيائون ۽ نه وري ڪنهن کي جهنم ۾ داخل ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائون. ( گذر گي گذران ،ص؛) . مولانا محمد اسحاق ڀٽي مرحوم جن پنهنجي انهن عالي قدر اساتذه ڪرام کان خوب پريو. جنهن جي نتيجي ۾ پاڻ انتهائي سخن سنج، سخن فهم ، سخن دانا، سخن شناس ۽ سخن نواز هئا. هر وقت خوش اخلاقي ۽ خوش خلقي سندس چهري تي عيان هوندي هئي. چنڊ چوڏهين کان به وڌ هو ، چمڪندڙ چهرو سندس محب مڻيادار منهنجو ، مرڪندڙ چهرو سندس.
Flag Counter