Maktaba Wahhabi

671 - 924
نالو ، پيدائش ۽ نسب: مولانا محمد اسحاق ڀٽي صاحب جن 15 مارچ 1925ع ۾ متحده هندوستان جي اوڀر پنجاب جي مشهور رياست فريد ڪوٽ جي هڪ ڳوٺ ڪوٽ ڪپوره ۾ پيدا ٿيا. سندس نسب هن ريت آهي.محمد اسحاق ڀٽي ولد ميان عبدالمجيد ولد محمد ولد دوست محمد ولد منصور ولد خزانا ولد جيوا. سند تڙ ڏاڏو جيوا جيڪو پٽياله رياست جي مهاراجه جو درباري هو. ۽ سندس ڏاڏو پنهنجي دور جو نهايت نيڪ ۽ پرهيزگار انسان هو. جيڪو دين دار، تقويٰ، خشيت ۽ صالحيت جي زيور سان آراسته هو. ڀٽي صاحب جن جي ولادت هڪ ديندار گهراڻي ۾ ٿي. سندس ڏاڏي ميان محمد جنهن هن هونهار جي تعليم و تربيت به پنهنجي مزاج مطابق ڪئي . ۽ پنج وقت جي نماز لاءِ کيس پاڙي جي مسجد ۾ پاڻ سان گڏ وٺي ويندو هو. تعليم: مولانا محمد اسحاق ڀٽي صاحب جن پنهنجي تعليم جو آغاز پنهنجي ڏاڏي مرحوم ميان محمد رحه کان ڪيائون.قرآن مجيد ناظره ۽ ڪجهه لکڻ ۽ پڙهڻ وٽان ئي سکيائون.۽ ان سان گڏ ڳوٺ جي سرڪاري اسڪول ۾ ويهاريوويو. جتان چار ڪلاس تائين اسڪولي تعليم يعني پرائمري پاس ڪيائين . جنهن کان پوءِ سندس ڏاڏي مرحوم مولانا محمد اسحاق ڀٽي صاحب کي ان وقت جي چوٽي جي عالم ،حديث جي ڪتاب “سنن نسائي” جي شارح ۽ اداره “الدعوة السلفيہ” و هفت روز “الاعتصا” لاهور جو باني جناب مولانا عطاء الله حينف رحمه الله (وفات: 1987ع) وٽ پڙهڻ لاءِ ويهاريو. مولانا عطاء الله حنيف ان وقت) 1933ع ۾) ڪوٽ ڪپوره جي مرڪزي مسجد ۾ امام ۽ خطيب هو. ۽ گڏوگڏ انهيءَ مسجد ۾ پاڻ درس و تدريس جو سلسلو به شروع ڪيو هو. چنانچه مولانا محمد اسحاق ڀٽي صاحب جن مولانا عطاء الله حنيف رحه کان قرآن مجيد جو ترجمون ، مولانا قاضي محمد سليمان منصوري پوري رحمه الله (متوفي 1930) جو مشهور ڪتاب “رحمةللمالمين” سبقن سبقن پڙهڻ لڳا ۽ ٽن مهينن ۾ اهو ضخيم ڪتاب پڙهي ورتائون. مولانا ڀٽي صاحب ننڍي هوندي کان ئي ذهين ۽ هوشيارهوندو هو. سندس استاد پنهنجي انهيءَ شاگرد جي صلاحيتن۽ قابليت کان بي خوبي واقف ۽ خوش هو. اهو ئي سبب آهي جو مولانا اسحاق ڀٽي مرحوم صاحب جن پنهنجي تعليم جا تمام مراحل علوم عاليه وفنون آليه،
Flag Counter