Maktaba Wahhabi

681 - 924
ويڪري پيشاني ، روشن ۽ جا ذب نظر نقش نگار مردانه وجاهت رکندڙ ، اڪثر سفيد شلوار ۽ن قميص ۾ نظر ايندا هئا. سندس شخصيت جيڪا هر جگهه ۽ هر محفل ۾ نظر ايندڙهئي. برصغير پاڪ و هند جو علمي و مذهبي طبقو ان جي نالي ، ڪم ۽ شخصيت کان بخوبي واقف آهي، پاڻ جيڪي به علمي تحريرون ۽ تحقيقي خدمتون سر انجام ڏنيون آهن ،انهن جي فيض ۽ برڪتن مان برصغير پاڪ وهند جا بيشمار ماڻهؤن استفادوڪيوآهي ۽ اڃان به ڪري رهيا آهن. ڀٽي صاحب جي تحريري خدمتن کي اسان جي تاريخ ڪڏهن به فراموش نه ڪري سگهندي.ان کي هميشه ياد ڪندي رهندي.مولانا محمد اسحاق ڀٽي صاحب بحيثيت مصنف، مترجم، ڪالم نگاري، خاڪ نگاري ، صحافت وغيره ۾ پنهنجو هڪ خاص مقام رکندا هئا. ۽ پاڻ گهڻو لکيائون ۽ هر موضوع تي لکيو اٿن. ڀٽي صاحب پنهنجي جدا ۽ الڳ اسلوب نگاري ۽ شگفته بياني جي ڪري علمي حلقن ۾ بيحد مقبول رهيا آهن. سندس قلم ۽ تحرير ۾ جان هوندي هئي. جنهن کي گهرائي ۽ فڪري صلابت رويو ۽پاڻ قدرت طرفان اعليٰ حافظي جهڙي نعمت سان مالا مال هئا. سندس حافظي ۾ واقعات ۽ مشاهدات جا نالا ، مقامات ۽ انهن جي تاريخ ،مهيني ۽ ڏينهن جي حساب سان به محفوظ هوندا هئا.پاڻ دوران گفتگو ۾ ڪڏهن ڪنهن واقعي يا تذڪري جي متعلق جڏهن هيئن چوندا هئا ته “ منهنجو غالب گمان يا اندزو هي آهي ته اهو واقعو هن طرح ٿيو هو يا اها ڳالهه هن طرح آهي ” ته بعد ۾ حالات ۽ قرآئن سان اهو واقعو ان طرح ٿي صحيح هوندو هو جئين پاڻ زباني بيان ڪيو هوندو هو. مولانا محمد اسحاق ڀٽي اخلاق ۽ عادات جي اعتبار سان انتهائي ڪريم النفس ۽ شريف الطبع انسان هئا. نوڙت ۽ عاجزي منجهس حد کان وڌيڪ هوندي هئي. طبيعت ۾ قناعت پسند هوندا هئا. پاڻ ڪڏهن به شهرت ۽ مرتبي جا طالب نه هئا. بلڪ پاڻ اصلي معنيٰ ۾ انساني محبت ۽ اخوت جو مجسمو هئا. راقم ان کي جيترو قريب کان ڏٺو ته منجهس خوبيون ئي خوبيون نظر آيون. مطلب ته سندس شخصيت هميشه سدا بهار هوندي هئي . دوران گفتگو مزيدار ۽ دل وندڙ ڳالهيون مثالي ٽوٽڪا، طنزومزاح، ۽ وڻندڙ لطيفه ، پهاڪا ۽ چوڻيون محفل ۾ دوستن کي ٻڌائي نه صرف خوش ٿي کلندا هئا بلڪ دوستن کي به کلائيندا هئا. مولانا محمد اسحاق ڀٽي صاحب جي زندگي تي هي شعر صحيح معنيٰ ۾ فٽ اچي ٿو ته :
Flag Counter